افضل سولنگي

افضل سولنگي

افضل سولنگي

افضل سولنگي: ناميارو شاعر افضل سولنگي ڳوٺ ڪرڙ خان سولنگي (حيدرآباد) ۾، پهرين ڊسمبر 1958ع تي محمد رمضان سولنگيءَ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪيائين، حيدرآباد مان 1974ع ۾ مئٽرڪ ڪيائين ۽ سچل سرمست آرٽس ڪاليج مان بي. اي ڪيائين. 1980ع کان شاعري شروع ڪيائين، جيڪا سنڌ جي ڪيترن ئي ناليوارن فنڪارن ڳائي، جن ۾ محمد يوسف، سرمد سنڌي، فوزيه سومرو، جلال چانڊيو وغيره شامل آهن، جنهنڪري کيس وڌيڪ مقبوليت ملي. سندس ڪيترائي گيت ۽ غزل سنڌي فلمن ۾ به ڳايا ويا آهن. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي سان کيس گهڻي عقيدت رهي آهي. هن ڪيترائي گيت غزل شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي شخصيت، محترمه شهيد بينظير ڀٽو ۽ پيپلز پارٽيءَ تي لکيا آهن. ڪيترين سماجي ۽ ادبي تنظيمن سان وابسته رهيو آهي، جن ۾ پيپلز ڪلچرل ونگ سنڌ اهم آهي. هي هر سال شهيد ذوالفقار علي ڀٽي ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽي جي ورسين جي موقعي تي سنڌ ۽ پنجاب جي مشهور شاعرن سان گڏ خراج عقيدت پيش ڪندو آهي. سنڌ جو وزيراعليٰ ۽ ٻيا پيپلز پارٽيءَ جا اڳواڻ هن کي خاص دعوت ڏئي گهرائيندا آهن. سندس شهيدن جي شان ۾ ڪئسٽون به جاري ٿيل آهن. سچل سرمست ڪامرس ڪاليج حيدرآباد ۾ سپرنٽينڊنٽ آهي ۽ پنهنجي ڳوٺ ۾ رهي ٿو.


لفظ افضل سولنگيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1958.12.01  عيسوي

افضل سولنگي: ناميارو شاعر افضل سولنگي ڳوٺ ڪرڙ خان سولنگي ( حيدرآباد ) ۾ ، پهرين ڊسمبر 1958ع تي محمد رمضان سولنگيءَ جي گهر ۾ پيدا ٿيو .



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بهرو ڇاٻڙيا بيوطن
احمد شاڪر
درگاهي ميراڻي
صهبا اختر
زيب عاقلي
خواجه غلام حسين ملنگ
اصغر سيتائي
آسي زميني
شاهه لطف الله قادري رح
جويو خاڪي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون